Tuesday, 20 March 2012


سيد قطب علي شاھ
مختصر احوال
سيد قطب علي شاھ ولد فتح الدين شاھ جي ولادت 8 سيٽمبر 1814ع ۾ ٿي. سندس سلسله نسب حضرت امام زين العابدين عليه السلام جن سان ملي ٿو. سندس بزرگ اچ شريف کان ٿيندا سنڌ ۾ آيا. سائين سيد قطب علي شاھ جي والد دروات جبل ۾ الاهي عبادت ۾ مشغول هو ته کيس خواب ۾ معلوم ٿيو ته ڪو ماڻهو کيس پٺين ۾ ٺونٺيون هڻي رهيو آهي ۽ چوي پيو ته “شادي نه ڪندين ته پٺي ڦاڙي ٻاهر نڪرندس” آخر پاڻ شادي ڪيائين، روح جو هن زمين تي لهن لاءِ منتظر هو تنهنجي اچڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿي يعني پوري ڏهين مهيني جمح جي رات شاھ صاحب تولد ٿيو. سيد قطب علي شاھ جو تخلص قطب هو. پاڻ صاحب دل ۽ اهل الله مرد ٿي گذريو آهي. سندس انتقال 22 ڊسمبر  1910ع ۾ ٿيو.
ڪلام
جبل جهاڳيندو وت،   من ٻاروچي کي ٻاجھه پوي .
آڏا ڏونگر لڪيون ،    سائين ڏيندو شت.
وندر جي به وڻن ۾ ،    پاڻ  رکندو  پت.
چرخو ڀڃي ڪر ٽڪريون ، ڪاند نبا ڪت.
“قطب” پير پنهون جو ، نئي نهارج  نت.

سارنگ علي سولنگي


حاجي پريل خان

حاجي پريل خان 

  حاجي پريل خان مگسي بلوچ 1802ع ۾ ڄائو سندس  اصل وطن ڀاڳناڙي هو بعد ۾ هالا نوان ۾ اچي رهيو مرحوم جاجي پريل خان اول پوليس کاتي ۾ جمعدار هو پوءِ مرحوم مخدوم امين محمد امين  13 سجاده نشين حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جي صحبت ۾ نوڪري ترڪ ڪري پڇاڙي يائين سندن خاص خدمت گار ٿي رهيو ۽ وفات به اتي ئي ڪيائين جو خدمتگارن جي قبرستان ۾ ئي دفن ڪيو ويو مرثيه گو شاعر هو سندس انتقال 1911ع ۾ ٿيو
ڪلام
اول نام الله جو جو قادر رب قهار خاوند پنهنجي خلق ۾ سيد ڪيو سردار
سڀ تي نبي سرور ٿيو مڙني جو مهندار ڪريو هئي هئي حسِِِن لاءِ جو اڙين جو آڌار
پريل تنهن پينار آهي روز الست کان 


سارنگ علي سولنگي