سنڌ جا صوفي شاعر
Saturday, 31 March 2012
محمد هاشم مخلص - سارنگ علي سولنگي
محمد هاشم مخلص
محمد هاشم مخلص ولد حافظ احمد، تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ
ٽکڙ جو ويٺل هو. دينيات جي ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ فارسي ۾ به تحصيل
ڪيائين. ان بعد عربي پڙهڻ شروع ڪيائين مگر
وقت جي صزوريات کي سرانجام ڏيڻ لاءِ لاچار تعليم ترڪ ڪرڻي پيس. سندس دماغ قدريا نظم
۽ نثر ڏي مائل هو. انهيءِ فطري مناسبت کيس اخباري دنيا جو سير ڪرايو. اخبار “خير خواه سنڌ”، الحق ، رسالو “بهار الخالق” ماهنام “مڪچڪول”
اخبار الامين ۽ مسلمان ۾ چڱي طرح حصو ورتائين شاعريءَ جي ميدان ۾ به توسن طبق کي واھ جا جولان ڏياريائين 2 فيبروري 1934ع ۾ وفات ڪيائين.
ڪلام
پئي جام ۾ جي عڪس تنهنجي جلوه گري جو،
دم بند خجالت کان ٿئي
شيشي ۾ پر جو .
ڇا ذڪر ڪريان يار سندءِ عشوه گري جو ،
جي حور سندو ناز ته غمزو ٿيو پري جو.
هر ڪنهن کي ڪر ين ٿو نگه ناز سان تسخير،
شهرو ٿيو جهان ۾
تنهنجي جادو نظري جو .
هڪ ناز نظر کان به جنهن کي بار ٿيو “مخلص”
.ڇا ذڪر ٿئي ان شرخ جي نازڪ عمري جو
Tuesday, 27 March 2012
صوفي فقير نواب حاجي غلام حيدر خان لغاري
نواب غلام حيدر خان ولد نواب ولي محمد فقير ذات لغاري ڳوٺ
ٽنڊو تاجپور ضلعو مٽياري (حيدرآباد) 17 جولائي 1871ع ۾ ڄائو. سنڌي، سرائڪي، اردو ۽
فارسي جو چڱو ماهر هو فقير صورت ، باتهذيب ۽ بااخلاق مرد ۽ نهايت سنجيده مزاج
شاعري جي فن ۾ به چڱيڙو درجو رکندڙ هو 24 فيبروري 1943ع_ ۾ وصال ٿيس.
ڪلام
اسان ذات کي سڃاڻي صورت سان پيچ پايو،
ڏسي راز مخفي حق جو مچ عشق جو مچايو.
ناسوت کان لنگهي وڃي ملڪوت کي رسياسون،
گهڙي بحر جي بي انت ۾ لنگڙي بڀوت لايو.
لاهي ميارون لوڪ جون پورب جا پنڌ چڇياسون،
هو هو جي هل دماغ ۾ باجو بگل بجايو.
نابود واري نجهري آرام ويهي ڪياسون،
ٿيو عشق امام اسان جو جنهن حسن سان ملايو.
ڪعبو قلب صحيح ڪري
طواف تنهن کي ڪياسون،
ٻانهون ٻڌي ادب سان سجدي ۾ سر نمايو.
حب الوطن جي آڻي جبروت حد ڏيکاري،
حامي “علام حيدر” ٿي سانگ ڪيو سجايو.
سارنگ علي سولنگي ،عنايت
علي
Friday, 23 March 2012
سيد رکيل
شاھ
سيد رکيل شاھ ڳوٺ
فتح پور، علاقو گنداواه رياست قلات (بلوچستان) ۾ 10 مارچ 1846ع تي ڄائو. سندس حسب
نسب جو سلسلو حضرت امام حسين عليه السلام سان ملي ٿو. آباءُ اجداد کان وٺي صوفين
جي سرتاج حضرت شاھ عنايت الله شاھ “شهيد” جھوڪ واري جا مريد آهن. ننڍي هون کان ئي
فقير ۽ درويشن جو يحبتي هو، آخرڪار پاڻ به وڃي فقيري جي درجي تي رسيو. سندس وفات
10 مئي 1940ع ۾ پنهنجي ڳوٺ فتح پور (گنداواھ) رياست قلات بلوچستان ۾ ٿي.
ڪلام
آهونين صنم تيڏي ڏورئون ڏنگن، هر بار زخم سيني وچ سو تير
لنگهن،
انهين درد ميڏي دي، دوا ڪون ڪري.ڳجھا مرض تڳا هڏ ماھ ڳري،
مئين دلدار ويکان دل داصغف ٽري، ايوين ڪيوين ڪران جڏهن آپ
منگن.
ڌاڙا مار گنيون دل ڪون زوري ليئي. سو فرياد ڪران ميڏي جان
چٽي،
“رکيل” راز ماهي دي ڪل ڪون لهي،
اڪبر حج هويا جٿان يار رهي.
اوکا بره دا جوئي سوئي سهي،
اوهي حال حيات لاهوت لنگن.
سارنگ علي سولنگي
Wednesday, 21 March 2012
صوفي روحل فقير
روحل فقير ولد شاهو خان بلوچن جي زنگيجا قبيلي مان
هو.اندازا 1734ع ۾ تولد ٿيو . سندس وڏا
تعلقي عمر ڪوٽ ۾ مومل جي ڪاڪ لڳ “پدما جي ڀٽ” ۾ ويٺل هئا. سندس والد شاهوخان، ميان
نور محمد وٽ ملازم هو. هن روحل فقير کي سنڌي، عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏياري. ان بعد
روحل فقير به ميان نور محمد وٽ ملازم ٿيو پر جلد ئي ملازمت کان بيزاري ڏيکاري
فقيري ويس ڍڪي جھوڪ شريف ۾ پنهنجي مرشد (شاه عنايت شهيد رح جي فرزند ۽ سجاده نشين)
عزت الله شاه جي خدمت ۾ وڃي رهيو، ڪجهه وقت بعد جھوڪ شريف ڇڏي سنڌ ۾ گهمندو رهيو ۽
آخرڪار موجوده ڪنڊڙي واري مڪان ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهيو، جتي 1219ھ مطابق 1804ع_ ۾
وفات ڪيائين. سنڌي، سرائڪي، هندي، مارواڙي ۽ پارسي ۾ ڪلام چيائين. روحل فقير نه
فقط شاعري ۾ نالو ڪڍيو، پر سندس درويشيءَ جو ذڪر پڻ پري پري تائين پهتو.
ڪلام
پوءِ پروڙيم پنڌ وو، جيجان جوڳيئڙن جا،
نڪي ڊاهي هليا، نڪي جوڙيائون هنڌ،
نڪي وڄايائون مرليون، نڪي چوريائون چنگ،
نڪي ڌوتائون ڌوتيا، نڪي ڌوتائون لنگ،
نانگا نڪتا ننگ مان ، تن نانگن ڪهڙو ننگ،
لڳو لاهوتين جو، “روحل” توکي رنگ،
سارنگ علي سولنگي
Tuesday, 20 March 2012
صوفي فقير جانڻ چن صادق علي سائين
مختصر احوال
فقير سائين جو اسم مبارڪ
جان محمد ذات “چن” تخلص “جانڻ چن” ۽ مرشد جو ڏنل اسم صادق علي آهي. سن 1313ھ مطابق
1895ع ڌاري ڳوٺ ٿرڙي هاجران ۾ فقير محمد حسن چن جي گهر سندن جنم ٿيو. سندن ماءُ
سڳوريءَ جو اسم پاڪ “رحيم خاتون” هو. فقير جانڻ چن سائين جا چار ڀائر هئا.جن مان
ٽي فقير سائين کان وڏا ۽ هڪ ننڍو هو. ننڍوپڻ ۾ سندن وڏن ڀائرن فقير سائين کي تعيلم
حاصل ڪرڻ جي مقصد سان مدرسي ۾ داخل ڪرايو ٽي سال گذري ويا پر ايڏي وقت ۾ فقير
سائين قرآن پاڪ جون ايميون ئي ٽي پڙهيا ۽ جيڪو ذهن منجھ ويٺن سو فقط اکر ئي هڪڙو
“الف” هو. مدرسي جي استاد فقير سائين جي ڀائرن کي چيو ته ئي ڪو نه پڙهندو هن کي
وڃي ڌنار ڪيوس انهي واقهي کان پوءِ فقير سائين ڪڏهن به ٻيهر ظاهر تعليم جي ويجهو
نه ويا پوءِ فقير سائين ڌنار ڪو ڪم ڪرڻ لڳ ننڍائي کان ئي پاڻ اڪيلائي پسند ڪندا
ها. پنهنجو وقت ڪچهرين ۾ ئي گذاريندا هئا جي مال جهنگ ۾ ته پاڻ به مال سان گڏ و گڏ
رهندا ها انهي دور ۾ ئي سندن ايمان “دستگير” ته هوندو هو.جڏهن ته پاڻ اڃان ننڍيءِ
وهي ۾ هئا پر تنهن هوندي به نه الله نه رسول بلڪ دستگير يعني دستگيري ڪرڻ وارو اها
وائي سندن وات هوندي هئي ڪيڏي مهل به ڪامشڪل اچي وڃي ته سندن وات مبارڪ مان يا
دستگير جي صدا نڪري ويندي هي. جيڪا هڪ عجيب ڳالھ آهي. فقير سائين 11 ورهين جا هئا.
جو سندن ولد صاحب دنيا ترڪ ڪري هليا ويا ۽ وري موٽي نه آيا. فقير سائين انهي وقت
کان وٺي کين خواب ۾ ڏسندا هئا روئي چوندا هئا ته“ بابا اسان کي ڇڏي نه وڃن اسان
ڪنهن کي بابا ڪري چئون اسان کي نه ڇڏا تنهن تي سندن ولد صاحب جواب ڏيندا هئا تي
توسان ته ملان ٿو باقي هتي رهئو ناهي دنيا ڇڏڻي آءِ” اهو ئي سبب هو جو ننڍپڻ ۾ ئي فقير سائين جي
مزاج ۾ سنجيدگي ۽ درد مندي پيهي وئي پاڻ
ايان بلوغت ۾ به نه هئا ته شاعري شروع ڪيائون .
فقير سائينءَ جي جواني،
شادي ۽ اولاد:
سنه 1919ع ۾ خلافت
تحريڪ جي هلچل هئي جنهن ۾ مسلمان ۽ هندو هڪ طرف ٿي انگريزن جا مخالف ٿيا.خلافت
تحريڪ اٿي ئي لاڙڪاڻي مان هئي تنهن۾ فقير جانڻ چن سائين ۽ سندن ننڍو ڀاءُ بخشل چن،
انقلابي شعر ڪلام چوندا هئا. جوانيءَ جي شروعات کان وٺي فقير سائين جو وقت فقيرن
بهادرن ۽ علم وارن سان گذريو سندس جوش جذبي ۽ پردرد طبيعت جي ڪري هاري پورهيت ۽
مجاهد ليڊر دل سان کين چاهيندا ها فقير جانڻ چن سائين ٽيهن ورهين جي عمر ۾ ڳوٺ
“ڪٽياڻ” (تعلقو وارھ ضلعو لاڙڪاڻو) مان هڪ ڪٽياڻ گهراڻي مان شادي ڪئي اولاد ۾ کين
پنج نياڻيون ۽ چار فرزند عطا ٿيا هڪ فرزند ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو ۽ نياڻين مان
ٽي وفات ڪري گذريون فقير جانڻ چن جا ٽي فرزند آهن جن جا اسم شريف هن ريت آهن؛
1.فتح علي چن 2. شوڪت علي چن 3.محمد علي چن مست(محمد علي چن مست سائين شروعات کان
وٺي مست هئا ۽ 1994ع جي ڊسمبر ۾ وفات ڪيائون) ننڍپڻ کان وٺي فقير جانڻ چن سائينءَ
جو خيال توڪلي هو پاڻ هميشه انهي ڳالهه تي يقين رکندا آيا ته “اڄ ڏنئين سڀاڻي
ڏيندو” شاديءَ کان پوءِ درگاھ حيدر شاھ تعلقو وارھ ضلعو لاڙڪاڻو جي اڳيان هڪ هندو
جي ڏھ جريب زمين تي فقير سائين هارپو ڪندا هئا پو جڏهن پارٽيشن جي دور ۾ هندو هليا ويا تڏهن اها زمين
فقير جانڻ چن سائين جي نالي الاٽ ٿي پر پاڻ اها ترڪ ڪري
هاري تحريڪ جو دور؛
جڏهن هاري تحريڪ جو دور آيو جنهن ۾ ڪامريڊ رحيد بخش جتوئي
عبدلفتح ميمڻ ۽ حاجي خان ڪلهوڙو اليڪشن ۾ بيٺا تڏهن فقير جانڻ چن سائين هارين جي
طرفدار حيدر بخش جتوئي جو ساٿ ڏنو. حاجي خان ڪلهوڙو دولتمند هو هن پئسن جي لالچ
ڏيئي فقير سائينءَ کي پنهنجي طرفدار ڪرڻ چاهيو پر فقير سائين کي کي اهو خيال ٿيو
ته “غريبن مسڪينن جي خدمت ڪجي جتي بکون آهن اڃون آهن” هارين ۽ پورهيتن ۾ هوش ۽ جوش
جاڳائڻ لا ڪئي انقلابي نظم چيائون تن مان فقط هڪڙو ئي نظم مڪمل مليو جيڪو فقير
سائين پاڻ ٻڌايو تنهن جو ٿلهه پيش ڪجي ٿو.
ڪري سجاڳي! جلدي جاڳي هاري ٿيو هوشيارا
بگهڙ اٿيا تو خون پيئڻ لاءِ
انهي نظم کانسواءِ انهي سلسلي جي ڪلامن جا ڪجهه شعر جيڪي
فقير سائين ٻڌايا سي پڻ پيش آهن.
وٺي ڏاند گهوڙي جي گوءِ لڳي مٿان گهوڙي وارا ڪن گوءِ تي لڳي
هلي اچ او هاري
قدرت تنهنجو وارويوآءِ ظالم زمينداري ٿي ويءِ تباهي
هر ٿيو سجايوآ ڇڏيائون
سارنگ علي سولنگي
فقير حاجي يار محمد مري
فقير حاجي يار محمد مري ويٺل کاهي لڳ ڳوٺ ڪاٺوڙي ضلع
سانگهڙ. سندس ولادت جي خبر نٿي پوي. محمد فقير کٽياڻ جوطالب ٿيو ۽ ان جي ڪلامن
ڀران ڪلام چيائين ۽ وڏي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. ننڍي هوندي کان ئي صوفي سنگ ۾ شامل ٿي
يڪتاري تي ڪلام چوندو هو ۽ پوءِ پنهنجا ڪلام به چيائين. وڏيءَ محبت وارو فقير هو
“عشق قائم” ۽ “صدقي حضرت عشق تان”سندس تڪيه ڪلام هو. فقير يار محمد مري 23_ آڪٽوبر
1982 تي وفات ڪئي. “طالب علي” بطور تخلص ڪيو اٿس.
ڪلام
جپ عشق اندر دم دم، ڏس صاف صورت انسان ۾،
دم دم عشق الستي آهي، پير مغان سان لنئون ڏس لائي،
سرڪ ساقي کان وٺ تون ٺاهي، پس قدرت جو قلزم، جهاتي پائي جان
۾.
“ونجن” وارو ورق ورائي، “اقرب” کان اوڏو ٻول ٻولائي،
هردم ويٺو حڪم هلائي، تون “قالو” واري قول ۾ قم، هل اهنا جي
ايوان ۾ .
“طالب علي” ۾ تنهنجو تڪيو، هر دم ويٺو آهين هڪيو،
لاحد واري حد ۾ لڪيو، ڌو ڌو ڌام مچايو ڌم، تندن واري هن تان
۾.
سارنگ علي سولنگي
Subscribe to:
Posts (Atom)