سيد قطب علي شاھ
مختصر احوال
سيد قطب علي شاھ ولد فتح الدين شاھ جي ولادت 8 سيٽمبر 1814ع
۾ ٿي. سندس سلسله نسب حضرت امام زين العابدين عليه السلام جن سان ملي ٿو. سندس
بزرگ اچ شريف کان ٿيندا سنڌ ۾ آيا. سائين سيد قطب علي شاھ جي والد دروات جبل ۾
الاهي عبادت ۾ مشغول هو ته کيس خواب ۾ معلوم ٿيو ته ڪو ماڻهو کيس پٺين ۾ ٺونٺيون هڻي
رهيو آهي ۽ چوي پيو ته “شادي نه ڪندين ته پٺي ڦاڙي ٻاهر نڪرندس” آخر پاڻ شادي
ڪيائين، روح جو هن زمين تي لهن لاءِ منتظر هو تنهنجي اچڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿي يعني
پوري ڏهين مهيني جمح جي رات شاھ صاحب تولد ٿيو. سيد قطب علي شاھ جو تخلص قطب هو.
پاڻ صاحب دل ۽ اهل الله مرد ٿي گذريو آهي. سندس انتقال 22 ڊسمبر 1910ع ۾ ٿيو.
ڪلام
جبل جهاڳيندو وت،
من ٻاروچي کي ٻاجھه پوي .
آڏا ڏونگر لڪيون ،
سائين ڏيندو شت.
وندر جي به وڻن ۾ ،
پاڻ رکندو پت.
چرخو ڀڃي ڪر ٽڪريون ، ڪاند نبا ڪت.
“قطب” پير پنهون جو ، نئي نهارج نت.
سارنگ علي سولنگي
excellent contribution, Sarang Ali !
ReplyDelete