Tuesday 27 March 2012


صوفي فقير نواب حاجي غلام حيدر خان لغاري
نواب غلام حيدر خان ولد نواب ولي محمد فقير ذات لغاري ڳوٺ ٽنڊو تاجپور ضلعو مٽياري (حيدرآباد) 17 جولائي 1871ع ۾ ڄائو. سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي جو چڱو ماهر هو فقير صورت ، باتهذيب ۽ بااخلاق مرد ۽ نهايت سنجيده مزاج شاعري جي فن ۾ به چڱيڙو درجو رکندڙ هو 24 فيبروري 1943ع_ ۾ وصال ٿيس.
ڪلام
اسان ذات کي سڃاڻي صورت سان پيچ پايو،
ڏسي راز مخفي حق جو مچ عشق جو مچايو.
ناسوت کان لنگهي وڃي ملڪوت کي رسياسون،
گهڙي بحر جي بي انت ۾ لنگڙي بڀوت لايو.
لاهي ميارون لوڪ جون پورب جا پنڌ چڇياسون،
هو هو جي هل دماغ ۾ باجو بگل بجايو.
نابود واري نجهري آرام ويهي ڪياسون،
ٿيو عشق امام اسان جو جنهن حسن سان ملايو.
ڪعبو قلب صحيح ڪري  طواف تنهن کي ڪياسون،
ٻانهون ٻڌي ادب سان سجدي ۾ سر نمايو.
حب الوطن جي آڻي جبروت حد ڏيکاري،
حامي “علام حيدر” ٿي سانگ ڪيو سجايو.
سارنگ علي سولنگي ،عنايت علي

No comments:

Post a Comment