Tuesday 20 March 2012


صوفي فقير جانڻ چن صادق علي سائين
مختصر احوال                                                                                           
فقير سائين جو اسم مبارڪ جان محمد ذات “چن” تخلص “جانڻ چن” ۽ مرشد جو ڏنل اسم صادق علي آهي. سن 1313ھ مطابق 1895ع ڌاري ڳوٺ ٿرڙي هاجران ۾ فقير محمد حسن چن جي گهر سندن جنم ٿيو. سندن ماءُ سڳوريءَ جو اسم پاڪ “رحيم خاتون” هو. فقير جانڻ چن سائين جا چار ڀائر هئا.جن مان ٽي فقير سائين کان وڏا ۽ هڪ ننڍو هو. ننڍوپڻ ۾ سندن وڏن ڀائرن فقير سائين کي تعيلم حاصل ڪرڻ جي مقصد سان مدرسي ۾ داخل ڪرايو ٽي سال گذري ويا پر ايڏي وقت ۾ فقير سائين قرآن پاڪ جون ايميون ئي ٽي پڙهيا ۽ جيڪو ذهن منجھ ويٺن سو فقط اکر ئي هڪڙو “الف” هو. مدرسي جي استاد فقير سائين جي ڀائرن کي چيو ته ئي ڪو نه پڙهندو هن کي وڃي ڌنار ڪيوس انهي واقهي کان پوءِ فقير سائين ڪڏهن به ٻيهر ظاهر تعليم جي ويجهو نه ويا پوءِ فقير سائين ڌنار ڪو ڪم ڪرڻ لڳ ننڍائي کان ئي پاڻ اڪيلائي پسند ڪندا ها. پنهنجو وقت ڪچهرين ۾ ئي گذاريندا هئا جي مال جهنگ ۾ ته پاڻ به مال سان گڏ و گڏ رهندا ها انهي دور ۾ ئي سندن ايمان “دستگير” ته هوندو هو.جڏهن ته پاڻ اڃان ننڍيءِ وهي ۾ هئا پر تنهن هوندي به نه الله نه رسول بلڪ دستگير يعني دستگيري ڪرڻ وارو اها وائي سندن وات هوندي هئي ڪيڏي مهل به ڪامشڪل اچي وڃي ته سندن وات مبارڪ مان يا دستگير جي صدا نڪري ويندي هي. جيڪا هڪ عجيب ڳالھ آهي. فقير سائين 11 ورهين جا هئا. جو سندن ولد صاحب دنيا ترڪ ڪري هليا ويا ۽ وري موٽي نه آيا. فقير سائين انهي وقت کان وٺي کين خواب ۾ ڏسندا هئا روئي چوندا هئا ته“ بابا اسان کي ڇڏي نه وڃن اسان ڪنهن کي بابا ڪري چئون اسان کي نه ڇڏا تنهن تي سندن ولد صاحب جواب ڏيندا هئا تي توسان ته ملان ٿو باقي هتي رهئو ناهي دنيا ڇڏڻي آءِ”  اهو ئي سبب هو جو ننڍپڻ ۾ ئي فقير سائين جي مزاج ۾ سنجيدگي ۽ درد مندي  پيهي وئي پاڻ ايان بلوغت ۾ به نه هئا ته شاعري شروع ڪيائون .
فقير سائينءَ جي جواني، شادي ۽ اولاد:
 سنه 1919ع ۾ خلافت تحريڪ جي هلچل هئي جنهن ۾ مسلمان ۽ هندو هڪ طرف ٿي انگريزن جا مخالف ٿيا.خلافت تحريڪ اٿي ئي لاڙڪاڻي مان هئي تنهن۾ فقير جانڻ چن سائين ۽ سندن ننڍو ڀاءُ بخشل چن، انقلابي شعر ڪلام چوندا هئا. جوانيءَ جي شروعات کان وٺي فقير سائين جو وقت فقيرن بهادرن ۽ علم وارن سان گذريو سندس جوش جذبي ۽ پردرد طبيعت جي ڪري هاري پورهيت ۽ مجاهد ليڊر دل سان کين چاهيندا ها فقير جانڻ چن سائين ٽيهن ورهين جي عمر ۾ ڳوٺ “ڪٽياڻ” (تعلقو وارھ ضلعو لاڙڪاڻو) مان هڪ ڪٽياڻ گهراڻي مان شادي ڪئي اولاد ۾ کين پنج نياڻيون ۽ چار فرزند عطا ٿيا هڪ فرزند ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو ۽ نياڻين مان ٽي وفات ڪري گذريون فقير جانڻ چن جا ٽي فرزند آهن جن جا اسم شريف هن ريت آهن؛ 1.فتح علي چن 2. شوڪت علي چن 3.محمد علي چن مست(محمد علي چن مست سائين شروعات کان وٺي مست هئا ۽ 1994ع جي ڊسمبر ۾ وفات ڪيائون) ننڍپڻ کان وٺي فقير جانڻ چن سائينءَ جو خيال توڪلي هو پاڻ هميشه انهي ڳالهه تي يقين رکندا آيا ته “اڄ ڏنئين سڀاڻي ڏيندو” شاديءَ کان پوءِ درگاھ حيدر شاھ تعلقو وارھ ضلعو لاڙڪاڻو جي اڳيان هڪ هندو جي ڏھ جريب زمين تي فقير سائين هارپو ڪندا هئا پو جڏهن  پارٽيشن جي دور ۾ هندو هليا ويا تڏهن اها زمين فقير جانڻ چن سائين جي نالي الاٽ ٿي پر پاڻ اها ترڪ ڪري


 هاري تحريڪ جو دور؛
جڏهن هاري تحريڪ جو دور آيو جنهن ۾ ڪامريڊ رحيد بخش جتوئي عبدلفتح ميمڻ ۽ حاجي خان ڪلهوڙو اليڪشن ۾ بيٺا تڏهن فقير جانڻ چن سائين هارين جي طرفدار حيدر بخش جتوئي جو ساٿ ڏنو. حاجي خان ڪلهوڙو دولتمند هو هن پئسن جي لالچ ڏيئي فقير سائينءَ کي پنهنجي طرفدار ڪرڻ چاهيو پر فقير سائين کي کي اهو خيال ٿيو ته “غريبن مسڪينن جي خدمت ڪجي جتي بکون آهن اڃون آهن” هارين ۽ پورهيتن ۾ هوش ۽ جوش جاڳائڻ لا ڪئي انقلابي نظم چيائون تن مان فقط هڪڙو ئي نظم مڪمل مليو جيڪو فقير سائين پاڻ ٻڌايو تنهن جو ٿلهه پيش ڪجي ٿو.
ڪري سجاڳي! جلدي جاڳي هاري ٿيو هوشيارا
بگهڙ اٿيا تو خون پيئڻ لاءِ
انهي نظم کانسواءِ انهي سلسلي جي ڪلامن جا ڪجهه شعر جيڪي فقير سائين ٻڌايا سي پڻ پيش آهن.
وٺي ڏاند گهوڙي جي گوءِ لڳي مٿان گهوڙي وارا ڪن گوءِ تي لڳي
هلي اچ او هاري
قدرت تنهنجو وارويوآءِ ظالم زمينداري ٿي ويءِ تباهي
هر ٿيو سجايوآ ڇڏيائون


سارنگ علي سولنگي



No comments:

Post a Comment