Tuesday, 20 March 2012


فقير حاجي يار محمد مري
فقير حاجي يار محمد مري ويٺل کاهي لڳ ڳوٺ ڪاٺوڙي ضلع سانگهڙ. سندس ولادت جي خبر نٿي پوي. محمد فقير کٽياڻ جوطالب ٿيو ۽ ان جي ڪلامن ڀران ڪلام چيائين ۽ وڏي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. ننڍي هوندي کان ئي صوفي سنگ ۾ شامل ٿي يڪتاري تي ڪلام چوندو هو ۽ پوءِ پنهنجا ڪلام به چيائين. وڏيءَ محبت وارو فقير هو “عشق قائم” ۽ “صدقي حضرت عشق تان”سندس تڪيه ڪلام هو. فقير يار محمد مري 23_ آڪٽوبر 1982 تي وفات ڪئي. “طالب علي” بطور تخلص ڪيو اٿس.
ڪلام
جپ عشق اندر دم دم، ڏس صاف صورت انسان ۾،
دم دم عشق الستي آهي، پير مغان سان لنئون ڏس لائي،
سرڪ ساقي کان وٺ تون ٺاهي، پس قدرت جو قلزم، جهاتي پائي جان ۾.
“ونجن” وارو ورق ورائي، “اقرب” کان اوڏو ٻول ٻولائي،
هردم ويٺو حڪم هلائي، تون “قالو” واري قول ۾ قم، هل اهنا جي ايوان ۾ .
“طالب علي” ۾ تنهنجو تڪيو، هر دم ويٺو آهين هڪيو،
لاحد واري حد ۾ لڪيو، ڌو ڌو ڌام مچايو ڌم، تندن واري هن تان ۾.

سارنگ علي سولنگي 

No comments:

Post a Comment