Saturday 31 March 2012

محمد هاشم مخلص - سارنگ علي سولنگي


محمد هاشم مخلص
محمد هاشم مخلص ولد حافظ احمد، تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ ٽکڙ جو ويٺل هو. دينيات جي ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ فارسي ۾ به تحصيل ڪيائين. ان بعد عربي پڙهڻ شروع ڪيائين  مگر وقت جي صزوريات کي سرانجام ڏيڻ لاءِ لاچار تعليم ترڪ ڪرڻي پيس. سندس دماغ قدريا نظم ۽ نثر ڏي مائل هو. انهيءِ فطري مناسبت کيس اخباري دنيا جو سير ڪرايو. اخبار  “خير خواه سنڌ”،  الحق ، رسالو “بهار الخالق” ماهنام “مڪچڪول” اخبار الامين ۽ مسلمان ۾ چڱي طرح حصو ورتائين شاعريءَ  جي ميدان ۾ به توسن طبق کي واھ جا  جولان ڏياريائين 2 فيبروري 1934ع ۾ وفات  ڪيائين.
ڪلام
پئي جام ۾ جي عڪس تنهنجي جلوه گري جو،
دم بند خجالت کان ٿئي  شيشي ۾ پر جو .
ڇا ذڪر ڪريان يار سندءِ عشوه گري جو ،
جي حور سندو ناز ته غمزو ٿيو پري جو.
هر ڪنهن کي ڪر ين ٿو نگه ناز سان تسخير،
شهرو  ٿيو جهان ۾ تنهنجي جادو نظري جو .
هڪ ناز نظر کان به جنهن کي بار ٿيو “مخلص”
.ڇا ذڪر ٿئي ان شرخ جي نازڪ عمري جو


سارنگ علي سولنگي 


No comments:

Post a Comment